پريالوء ڀرسان ڳاڙھي موري ۾ جوت سماجي تنظيم طرفان استادن جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان استادن سان شام ملھائي وئي جنھن ۾ علائقي جي استادن شاگردن مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي- تقريب کي استاد محمد امين گھانگھروجوت سماجي تنظيم جي صدر محمد حسين مھر , جنرل سيڪريٽري بلال احمد انصاري ,عبدالغفار مھر , حاجي مور خان مھر استاد محمد صديق ابڙو پروفيسر نذير احمد ڪلھوڙو سيد قاسم علي شاھ آغا نصرالله خان غلام علي منگي ۽ استاد آفتاب احمد انصاري ۽ ڪنزا حسين مھر خطاب ڪندي سماج ۾ استاد جي ڪردار ۽ اھميت تي روشني وڌي ۽ کين ڀيٽا پيش ڪئي