پريالوءِ (رپورٽر ) پريالوءِ ڀرسان ٻٻرلوءِ واسي بااثر پاران موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو تحفظ جي گهر تفصيل موجب پريالوء ڀرسان ٻٻرلوء جي ڳڙهي رنگل شاهه واسي شر برادري جي ماڻهن جو پنوعاقل جي جتوئي برادري جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مومن شر، رمضان شر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 4 مهينا اڳ پنوعاقل واسي جتوئي برادري سان تعلق رکندڙ مير خان جتوئي سان رشتو جوڙي نياڻي منيران سان سندس پٽ شڪيل جتوئي جي شادي ٿي هئي جنهن کان پوءِ مسلسل زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد جوابدارن پاران نياڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل جو منصوبو جوڙيو ويو. ڳجهي اطلاع تي نياڻي کي اتان وٺي پنهنجي گهر تحفظ ڏنوسين جوابدار ڌر پاران نياڻي واپس ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو. نه ڏيڻ جي صورت ۾ نياڻي سميت ٻين گهر ڀاتين کي جاني نقصان ڏيڻ جو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. نياڻي جي طلاق لاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي جوابدار ڌر اپيل تان هٿ کڻڻ لاءِ به ڌمڪيون پئي ڏي هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي