اسان جڏھن سياسي تواريخ جا ورق ٿا اٿلايون تہ اسان کي جهموريت جو قتل عام ٿيندي نظر آيو آهي. هميشہ نظريہ ضرورت آئين جي مٿان حاوي ڏٺي آهي؛ نظريہ ضرورت مطابق فيصلن هميشہ جهموريت کي نقصان پهچايو آهي. عدليہ هميشہ آئين جي حدود کان ٻاهر نڪري ڪري فيصلا ڪيا آهن؛ جيڪي پاڪستان جي آئين ۽ پاڪستان جي معيشت لاء نقصانڪار ثابت ٿيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي مختلف طريقن سان جمهوريت کي فٽ بال وانگر استعمال ڪيو ويو آهي. ميثاق جهموريت کان پوء ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪمزور جهموريت جي شروعات ٿي؛ جيڪا مضبوط جهموريت ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي. جنهن ۾ پ پ پ جا پنج سال يا ن ليگ جا پنج سال. جنهن ۾ پاڪستان گهڻا احداف حاصل ڪيا. جنهن ۾ فارن پاليسي؛ 73 جي آئين جي بحالي؛ 18 ترميم جو اتفاق راء سان پاس ٿيڻ؛ دهشتگردي جو خاتمو؛ بجلي جا ڪارخانا؛ پڙوسي ملڪن سان سٺا تعلقات؛ ايران سان گئس پائپ لائين جو معاهدو؛ صوبن جي خودمختياري ۽ سي پيڪ جو بنياد آهي اهي سڀ شيون ملڪ جي سمٿ لاء سٺا اشارا ڏئي رهيون هيون. جيڪي يهودي لابي لاء پريشانيء جو سبب بڻيون. پوء يهودي لابيء جا پلان پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاء شروع ٿي ويا. جنهن جي تصديق 35 سال اڳ ڊاڪٽر اسرار احمد بہ ڪئي. ڊاڪٽر اسرار احمد چيو تہ يهودي لابي هڪ ڪرڪيٽر کي پاڪستان جي سياست ۾ تيار ڪري رهي آهي. ان کان پوء حڪيم محمد سعيد بہ پنهنجي ڪتاب ۾ واضح لکيو تہ يهودي لابي عمران خان کي مستقبل جو وزيراعظم بڻائيندي. عمران خان جي شادي جڏهن هڪ يهودي خاندان مان ٿي تہ اسان کي ڊاڪٽر اسرار ۽ حڪيم محمد سعيد جون ڪيل پيشنگوئيون نظر اچڻ لڳيون. پوء 1996 ۾ عمران خان سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪيو. عمران خان کي 15 سالن تائين سياست ۾ ڪا وڏي ڪاميابي نہ ملي سگهي. پوء 2011 ۾ خبر ئي نہ پئي تہ پي ٽي آئي وڏا وڏا جلسہ ڪرڻ لڳي. انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ؛ قادياني لابي؛ پاڪستان جا ڪجهہ رٽائرڊ جنرل ۽ ان وقت جي ڊي جي آء شجاع پاشا سرگرم نظر آيا. پر ان وقت جي عدليہ جهموريت سان گڏ نظر آئي؛ پوء 2013 ۾ ن ليگ جي حڪومت ٺهي. 2014 ۾ ن ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ لاء لنڊن پلان تيار ٿيو؛ جنهن ۾ عمران خان ۽ طاهرالقادري کي ڌرڻن جي صورت ۾ ميدان ۾ لاٿو ويو. جنهن جو مين مقصد چائنا ملڪ جي صدر جي دوري کي روڪڻ هيو؛ ان ڪري جو پاڪستان ايشين ٽائيگر جي طرف وڌي رهيو هيو؛ چائنا جي صدر جي اچڻ سان پاڪستان معاشي ترقي ڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهيو هيو. چائنا جي صدر کي روڪڻ ۾ پي ٽي آئي ۽ پي ٽي آئي جي سهولتڪارن کي ڪاميابي ملي ۽ پاڪستان کي رسوائي ملي. انٽرنيشنل لابيء جو اصل مقصد پاڪستان جي وجود کي ڪمزور ڪري؛ پاڪستان جي ائٽمي اثاثن تي قبضو ڪرڻ جا پلان هيا. جنهن جي ڪري عمران خان جو بنياد پيو. 2014 واري ڌرڻي ۾ عمران خان سول نافرماني جا اعلان ڪيا ۽ پارليامينٽ؛ پي ٽي وي تي حملو ڪيائين ۽ سپريم ڪورٽ جي تذليل ڪئي. پر ان وقت عمران خان رياست کان بالا نظر آيو. هو ان وقت لاڏلو هيو جنهن جي ڪري ڪنهن بہ سياستدان يا رياستي ادارن جي هيڊ جي عزت محفوظ نہ هئي. آخرڪار 2018 ۾ عمران خان وزيراعظم بڻيو. پي ٽي آء جي دور ۾ سي پيڪ جي ملڪي معاهدن کي ليڪ ڪيو ويو؛ سي پيڪ جي پراجيڪٽن کي روڪيو ويو؛ جنهن سان پاڪ چائنا دوستي تي گهرا اثر پيا. ان وقت عمران خان جا ائٽمي اثاثن تي ۽ ملڪي ثالميت تي بيان ڇرڪائيندڙ نظر آيا. آخرڪار پي ٽي آئي جي دور ۾ پاڪستان کي حقيقت ۾ سريلنڪا جهڙي صورتحال ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. ان وقت جي اپوزيشن ملڪ جي حالتن جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ کي قرار ڏنو. ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي ۽ ملڪ کي محفوظ ڪرڻ لاء بي اعتمادي جي رٿ سان اپوزيشن کي ملڪ جون واڳون ڏنيون. جن پنهنجي سياسي خودڪشي قبول ڪري ملڪ کي خودڪشي کان بچايو. اقتدار وڃڻ کان پوء عمران خان هڪ سائفر جو ڊرامو رچائي پنهنجي حڪومت ڪيرائڻ جو ذميوار آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ کي قرار ڏنو؛ جنهن سان وري عوام ۾ مقبوليت ماڻي. ان وقت اسٽيبلشمينٽ ۾ چيف جي تقرري جو مسئلو پيش آيو. چيف آف آرمي جي تقرري کي سبوتاش ڪرڻ لاء عمران خان مختلف طريقا استعمال ڪيا جيڪي فوج ۾ گروپ بندي ڪرڻ کي هٿي ڏئي رهيا هيا. ان پلان ۾ پي ٽي آئي کي ناڪامي ڏسڻي پئي. عمران خان ملڪ کي بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ لاء وڏا جتن ڪيا. آئي ايم ايف جي معاهدي کي سبوتاش ڪرڻ لاء خط لکيا ۽ پاڪستان جي سياست ۾ انوالمينٽ ٿيڻ جي دعوت ڏني؛ جيڪو عمل غداريء جي برابر آهي. آمريڪن اسيمبليء ۾ قرارداد پاس ڪرائڻ؛ آمريڪا ۾ پاڪستان جي خلاف لابي هائر ڪرڻ؛ پاڪستان ۾ پاڪ فوج جي هيڊڪواٽرن تي اٽيڪ ڪرڻ؛ شهداء جي يادگار شين کي ساڙڻ؛ فوج انسٽاليشن کي باهيون ڏيڻ جهڙا سنگين جرم ڪيا. هاڻي وري جڏهن ملڪ جا معاشي حالات بهتر ٿي ويا آهن؛ ملڪ جي ڪرنسيء جو معيار بهتر ٿيڻ لڳو آهي تہ اها ڳالهہ پي ٽي آئي وارن کان هضم نہ پئي ٿئي؛ ان ڪري وزيراعلي ڪي پي علي امين گنڊاپور شنگهائي تعاون ڪانفرنس کي سبوتاش ڪرڻ لاء 2014 وارو پلان دهرائي رهيو آهي. پي ٽي آئي کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ نہ 2014 آهي ۽ نہ وري جنرل پاشا آهي. اگر پي ٽي آئي پاڻ کي نہ سنڀاليو تہ پي ٽي آئي ختم شده جي لسٽ ۾ اچي ويندي. هن وقت ملڪ بهترين سمٿ ڏانهن وڌي رهيو آهي. شنگهائي تعاون ڪانفرنس ۾ 14 ملڪن جي سربراهن جي شرڪت ٿي رهي آهي جنهن ۾ روس؛ چين؛ صعودي عرب؛ ايران ۽ انڊيا جي شرڪت ٻڌائي پئي وڃي. تقريبن اهي سڀ ملڪ سي پيڪ جي معاهدي ۾ شرڪتدار آهن. ان ڪانفرنس سان پاڪستان جي معيشت تي گهرا اثر پوندا ۽ ايشين ملڪن جي يڪسوئيء کي طاقت ملندي. اڃا تہ اڪنامي وار منهن ڪڌندي. جنهن سان آمريڪا کي هر محاظ تي ڪاپاري ڌڪ رسندو.
