پاڪستان ۾ عدالتي ۽ پوليس نظام جي بگڙيل حالاتن هڪ دفعو ٻيهر ڪجھ سوالن کي پيدا ڪيو آهي
ڇا اسانجي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني واقع موجود آهي۔۔۔۔؟؟يا هي نظام صرف طاقتور ۽ مفاد پرست عنصرن جي اثر هيٺ آهي ۔۔۔۔؟؟هي سوال ان وقت اڃان وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا جڏهن سپريم ڪورٽ جي سينئر وڪيل جناب مصطفين ڪاظمي تي صرف ان لاء تشدد ڪيو ويو جو ان ايڊهاڪ ججن جي حوالي سان پنهنجي راء جو اظهار ڪيو
ڪاظمي صاحب جو ڏوھ صرف اهو هو ته ان عدليه جي غير قانوني بينچ ٺهڻ تي تنقيد ڪئي ۽ چيف جسٽس جي ڪردار تي پڻ سوال اٿارياهن جو چوڻ هو ته ” اوهان فراڊ چيف جسٽس آهيو اوهان غير قانوني بينچ ٺاهي آهي ” اهي جملا هن لاء عدالتي نظام ۾ جرم بڻجي ويا ان تي پوليس بي رحماڻو تشدد ڪيو جنهن جو ڪو به قانوني جواز پيش نه ڪيو ويوهي واقعو صرف هڪ شخص تي ظلم نه بلڪه پوري عدالتي نظام جي ساک مجروع ڪرڻ برابر آهيمصطفين ڪاظمي تي ڪيل تشدد بعد اسلام آباد پوليس ان واقعي کي مڪمل طور منجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس چيو ته هو واشروم ۾ ڪري زخمي ٿيو آهي اهو بيان غير جانبدار ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهيو جنهن تي ان دعویٰ جي سچائي تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو۔۔۔؟؟ پاڪستان جي عدليه ۽ پوليس جو نظام عوام کي انصاف ۽ خدمت ڪرڻ آهي پر ان واقعي کانپوء اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي اسان جا ملڪي ادارا ڪنهن طاقتور عنصرن جي زير اثر آهن هڪ وڪيل کي صرف انجي اظهار آزادي جي راء ڏيڻ تان انتي بدترين تشدد ڪيو ويو جيڪو جمهوريت ۽ اظهار آزادي جي اصولن خلاف آهيهي معاملو صرف وڪيل مصطفين ڪاظمي نه بلڪه اسانجي پوري عدالتي نظام جو بحران آهي جڏهن هڪ وڪيل جيڪو پاڻ عدليه جو حصو آهي اهو به انصاف کان محروم آ ته پوء عام ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو۔۔؟؟اها اعلی عدالتون ئي آهن جنهن کي عام ماڻهون انصاف جو محافظ سمجهي ٿو ۔۔!!ڇا اها ئي پوليس آهي جنهن کي اسين عوام پنهنجي حفاظت جو ضامن سمجهون ٿا۔۔۔۔۔؟؟مصطفين ڪاظمي ڪيس اسانکي اهو سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون ڇا اسانجي ملڪ ۾ عدليه وٽ اها خودمختياري آهي جيڪا هئڻ گهرجي ۔۔۔۔؟؟يا صرف اهو ڳٺ جوڙ جو نظام آهي جيڪي طاقتور ماڻهن جي اشارن تي هلي رهيو آهي ۔۔۔۔؟؟
هن وقت پاڪستان جي عدالتي ۽ پوليس جي نظام کي بهتر ڪرڻ جي تمام سخت ضرورت آهي عدليه کي مڪمل خودمختياري حاصل هجي ۽ پوليس کي سياسي ۽ ذاتي مفادن کان آزاد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ پوليس جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي جيڪڏهن اڄ به اسان اهڙن واقعن تي اکيون بند ڪري ويهي رهيا سين ته مستقبل ۾ وڌيڪ انتشار ۽ بي يقيني پيدا ٿيڻ جا واضح بڻجي سگهي ٿومصطفين ڪاظمي جو ڪيس اهو واضح ڪري ٿو ته اسانجون اعلی عدالتون ۽ پوليس جيڪڏهن پاڻ کي ٺيڪ نه ڪنديون ته اسانکي انصاف ڏيڻ ناممڪن آهي هن وقت سمورا سياستدانن ۽ ٻين طاقتور ڌرين کي اهو طئه ڪرڻي پوندو ته پنهبجي اعلی ادارن کي مظبوط ۽ آزاد ڪرڻو پوندو ته جيئن هر عام ماڻهونء کي انصاف ملي سگهي ته جيئن عام ماڻهون پنهنجي اعلی عدالتن ۽ پوليس جو احترام ڪنپاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاء ضروري آهي ته اسان اهڙن ڪيسن کي سنجيده وٺون ۽ پنهنجي نظام کي تڪڙا اپاء وٺي ان کي بهتر بڻايون پاڪستان ۾ جيتري تائين عدالتون ۽ پوليس پنهنجو حقيقي ڪردار ادا نه ڪندا ايتري تائين ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿيڻ هڪ اڌورو خواب ئي رهندو۔۔۔۔۔۔۔