ايوانِ صدر اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن وڏڙن جي وڏي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ايوانِ صدر ۾ فلسطين سان ايڪتا جي اظهار لاءِ ڪوٺايل اي پي سي ۾ صدر آصف علي زرداري، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ آئيني ترميم، ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ايس سي او ڪانفرنس بابت صلاح مشورو ڪيو ويو .
مولانا فضل الرحمان چيو ته هن وقت جمعيت جي مرڪزي تنظيم موجود ناهي رڳو وٽس ۽ غفور حيدري وٽ عهدا آهن، تنظيم کانسواءِ اڪيلو فيصلو نٿا ڪري سگهون.
ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان چيو ته ڄاڻايل ترميمن لاءِ جي يو آءِ 80 سيڪڙو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، آئيني ترميم وارو مسودو جلد مذاڪراتي ٽيم جي حوالي ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، آصف زرداري ۽ شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي ساٿ ڏيڻ خاطري ڪرائي ۽ جهموريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مولانا جي ڪوشش کي ساراهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو ته آئيني ترميم جي گڏيل مسودي کي ترجيح ڏني ويندي، نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ٽيم هلندڙ هفتي ٻيهر جي يو آءِ جي ٽيم سان مشاورت ڪندي.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.