تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي مرضي کان سواءِ ڪنهن به قسم جي ترميم آڻڻ مشڪل آهي.اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو يا نوازشريف ايترا جمهوري هجن ها ته پاڪستان ۾ اهڙا مسئلا نه ٿين ها جيڪي ٿي رهيا آهن. هن وقت مسئلو صرف اهو آهي ته هن پنهنجي نوڪري جي لاءِ هر اصول کي ذبح ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي لاءِ هن جي والده ۽ نانو بيٺل هو. سنڌ ۾ 17 سالن کان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي، خبر نٿي پوي ته آخر ڇو هنن جو اڃان تائين دل ڇو نٿو ڀرجي.فواد چوڌري چيو ته آئيني ترميم نه آڻڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته هنن جا نمبرز پورا نه آهن. هنن پهريان به ڪوشش ڪئي پر نمبرز پورا نه ٿي سگهيا، مولانا فضل الرحمان جي مرضي کان سواءِ ڪنهن به قسم جي ترميم آڻڻ مشڪل آهي. اڃان به 5 سينيٽرز ۽ 7 ايم اين ايز گهٽ آهن ۽ انهي جي لاءِ ئي ماڻهن تي تشدد ۽ ٻيون شيون ٿي رهيون آهن.هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽون ڏيڻ لاءِ خط لکيو آهي. اٽارني جنرل قانوني مشورا ڏئي چڪو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي مخصوص سيٽون نٿيون ملي سگهن. مسنگ پرسنز ۽ هيومن رائيٽس جي لاءِ هاءِ ڪورٽس جو اهو ڪردار نه رهيو آهي. گهڻا ججز پگهاردار آهن ۽ نوڪري ڪري رهيا آهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ساڳيو ڪم ٿي رهيو آهي