ڪشمور ضلعي ۾ ھينڊز اداري جي نگراني ھيٺ غريب ماڻھن جي گھرن جي مڪمل ٿيڻ جو ڪم تيزي سان جاري

سنڌ حڪومت پاران ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان ڪشمور ضلعي ۾ ھينڊز اداري جي نگراني ھيٺ غريب ماڻھن جي گھرن جي مڪمل ٿيڻ جو ڪم تيزي سان جاري آھي ضلعي جي ٽيم مختلف ڳوٺن ۾ وزٽ ڪئي ڊسٽرڪٽ مينجر وير ڀان تلريجا ان سان گڏ ھينڊز ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مينيجر آفتاب احمد سومرو، سينئر انجنيئر عبدالقدير، سينئر آرگنائيزر نظير احمد سومرو ،فيلڊ انجنيئرس رفيق احمد نوناري ،ثناءالله پڻ گڏ ھيا ڳوٺ جي تنظيم جي اڳواڻن سان ۽ سڀني ڳوٺ وارن سان ملاقات ڪئي ۽ گھرن جي وزٽ ڪئي ڳوٺ وارن ٻڌايو ته اسين تمام گھڻا خوش آھيون جو اسان کي اھڙا پڪا گھر مليا آھن ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته اسين ھينڊز اداري ۽ ايس پي ايڇ ايف وارن جا تمام گھڻا ٿورائتا آھيون جن اسان غريبن جي سار لڌي ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ميئنجر وير ڀان تلريجا چيو ته ڪشمور ضلعي جا ٽوٽل 14007 گهر منظور ٿي چڪا آهن جنهن مان 8969 ڊي پي سي جو ڪم ۽ 6594 لينٽر جو ڪم مڪمل ٿيو آهي جڏهن ته 4127 گهر مڪمل طور تيار ٿي ويا آهن جنهن کي رنگ به ٿي چڪو آهي ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مينيجر آفتاب احمد سومرو چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مضبوط گهر تيار ڪرايون جيئن ماڻهو قدرتي آفتن کان محفوظ رهي سگهن