خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن قبائلين وچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر قبائلي جهيڙو شروع ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود موجب قبائلين وچ ۾ فائرنگ جو واقعو ڪنج علي زئي ۾ پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال پهچايو ويو آهي.پوليس موجب علائقي ۾ پوليس، سيڪيورٽي، فورسز جي نفري پهچي وئي آهي، فائرنگ جي واقعن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ڊي سي جاويد الله چيو آهي ته ضلعي ۾ رستا محفوظ بنائڻ ۽ حالتون معمول تي آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.اڳوڻي ايم اين اي ۽ جرگه ميمبر پير حيدر علي شاهه چيو آهي ته جرگه ميمبرن قبائلين وچ ۾ امن معاهدي لاءِ اڳ ئي موجود آهن.رپورٽن موجب فائرنگ جو واقعو ڪنج عليزئي جي جابلو علائقي ۾ پيش آيو جتي شنڪڪ سان تعلق رکندڙ شۡارين تي مقبل قبائل فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.ياد رهي ته ڪرم ۾ پهريان به ڪيترائي ڀيرا قبائلي جهيڙي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.