ڪراچي ۾ موسم وڌيڪ 3 ڏينهن گرم رهڻ جي اڳڪٿي، موسميات کاتي ڪجهه علائقن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

موسميات کاتي ڪراچي جو موسم وڌيڪ 3 ڏينهن گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏ ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.موسميات کاتي عرب سمنڊ ۾ ٿيندڙ سرگرمي جي حوالي سان ٻڌايو ته هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ويو آهي. جيڪو ڪراچي جي ڏکڻ کان 900 ڪلو ميٽر پري آهي.موسميات کاتي موجب سڀاڻي تائين هوا جو گهٽ دٻاءُ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ڊپريشن بڻجي سگهي ٿو. پر انهي سسٽم سان پاڪستان جي ڪنهن به سامونڊي علائقي کي في الحال ڪوبه خطرو نه آهي.موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته سسٽم جي اثر هيٺ اڄ رات کان 14 آڪٽوبر تائين ٿرپارڪر سميت عمرڪوٽ، بدين ۽ سجاول جي ضلعن ۾ به ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف موسم جو حال ٻڌائيندڙن ڪراچي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي جو موسم ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته انهي دوران گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب اڄ به ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز هوا ۽ کنوڻ سان برسات جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. انهي کان علاوه سنڌ جي مختلف هنڌن تي موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.