سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار روپيه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.صوبائي ڪابينه جي اجلاس ۾ بهتر پوليسنگ به اهم ايجنڊا هو جنهن جي تحت سنڌ جي 407 پوليس ٿاڻن جي سنڌو سنئون بجيٽ کان علاوه ايس ايڇ اوز کي خصوصي فنڊز جاري ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.فيصلي جي تحت صوبي ۾ مختلف ڪيٽيگريز جي ٿاڻن لاءِ ڌار ڌار بجيٽ هوندي. ڪراچي ڊويزن ۾ اي ڪيٽيگري جي 37 ٿاڻن کي هڪ ڪروڙ 52 لک روپيه جو بجيٽ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ايس ايڇ اوز کي هڪ مهيني ۾ 2 لک روپين جو بجيٽ خرچ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.فيصلي جي تحت صوبي ۾ مختلف ڪيٽيگريز جي ٿاڻن لاءِ ڌار ڌار بجيٽ هوندو. ڪراچي ڊويزن ۾ اي ڪيٽيگري جي 37 ٿاڻن کي هڪ ڪروڙ 52 لک روپين جو بجيٽ ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايس ايڇ اوز کي هڪ مهيني ۾ 2 لک روپين جو بجيٽ خرچ ڪرڻ جو اختيار هوندو.اجلاس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ضابطن ۾ به ترميم جي منظوري ڏني وئي جنهن جي تحت ڪميشن مستقبل ۾ خالي نوڪرين لاءِ ويٽنگ لسٽ ترٽيب ڏئي سگهندو. اجلاس ۾ ٿرپارڪر ۾ اين جي او هيلپ جي تعاون سان 9 ڊسپينسريون هلائڻ ۽ صحت کاتي جون 731 مختلف نوڪريون ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي عوام تي ڳرو ڏنڊ لڳائڻ کان روڪيو وڃي.