پريالوءِ ڀرسان پيرجوڳوٺ جي رهواسي معزور پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاج بااثر مختلف طريقن سان حراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ خلاف صحافين آڏو احتجاج اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ان حوالي سان پيرجوڳوٺ جي ڪچي آبادي جي رهواسي معزور پورهيت ضمير حسين ڪڙيو صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجو محب علي چونڪ ڀرسان ڪريش بجري سيمنٽ جو دڪان آهي ۽ مان حق حلال جو ڪاروبار ڪندو آهيان ۽ جنهن بابت سڄي شهر کي خبر آهي پر ان جي باوجود هڪ بااثر شخص اسماعيل جاگيراڻي بليڪ ميل ڪري مون مٿان منشات فروشي جا الزام هڻي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪري رهيو آهي جنهن سان منهنجي ساک متاثر ٿيڻ سان گڏ منهنجي ڪاروبار تي اثر پئجي رهيو آهي هن چيو ته مون اهڙي دانهن سندس برادري جي معزيزين کي پڻ ڏني آهي ھن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انڪواري ڪرائي انصاف فرام ڪري بااثر خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي