مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ڪو عام اجلاس نه آهي. سڄي دنيا مان وفد اچي رهيا آهن. ايس سي او ڪانفرنس تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي طلال چوڌري چيو ته جڏهن چيني صدر کي پاڪستان اچڻو هو ته 2014 ۾ ڌرڻو هنيو ويو. پرڏيهي فنڊنگ جون ڳالهيون ٿيون ته خبر پئي ته اسرائيلين ۽ ڀارتين جا پئسا آهن. پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي تي اسٽي مٿان اسٽي ملندو رهيو. آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو مقصد ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ هو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي.طلال چوڌري چيو ته ايس سي او ڪانفرنس ڪا عام ڪانفرنس نه آهي. 200 کان وڌيڪ عالمي وفد اسلام آباد ايندا ايس سي او ۾ چين، روس ۽ ٻين ملڪن جو انگ وڌيڪ آهي جيڪي اسرائيل مخالف طاقتون آهن ايس سي او سان ڪنهن جو ڀلو نه آهي. اها ته پاڪستان جي بهتري جي ڳالهه آهي، پاڪستان جي معيشت انهي سان هلندي، اسٽاڪ ايڪسچينج هلندي ۽ روپئي جي قيمتن ۾ استحڪام ايندو.هن چيو ته ايس سي او ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا. اوهان دنيا کي ڇا ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ چاهيو ٿا؟ 2014 ۾ ڌرڻو سي پيڪ کي روڪڻ جي لاءِ هنيو ويو. آئيني ۽ انساني حق انهن ماڻهن لاءِ هوندا آهن جيڪي آئين جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪندا. سياسي پارٽين جو رويو سياسي هجڻ گهرجي. ڪابه پارٽي اهڙي نٿي ٿي سگهي جيڪا ادارن ۽ ملڪ جي مفاد تي حملو ڪري. ايس سي او ڪانفرنس سان ڪنهن جو فائدو ٿيندو؟ پاڪستان جو ملڪي معيشت جو، اوهان هن وقت احتجاج ڇو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ چون ٿا اسان کي پي ٽي آءِ باني جي فڪر آهي؟ اوهان کي ڪير ٿو ٻڌائي ته پي ٽي آءِ باني جي طبيعت خراب آهي.هن چيو ته اوهان هر ڀيري پاڪستان جي معيشت تي حملو ڪندا آهيو، اوهان کي تڪليف ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي هلي وئي آهي، روپئي ۾ استحڪام اچي رهيو آهي. ايئرپورٽ تي چينين تي حملو ڪندڙ ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪندڙن ۾ ڪوبه فرق ناهي فرق صرف نالي جو آهي. ايس سي او ڪانفرنس منعقد ٿيندي. هنن جي احتجاج جي صرف مذمت نه ڪنداسين پر مرمت به ڪنداسين جيتري هنن جي مرمت ڪئي ويندي اوتري مهانگائي هيٺ ايندي. ايس سي او ڪانفرنس تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.سينيٽر طلال چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان کي گذارش ڪئي هئي ته احتجاج نه ڪريو، مولانا صاحب کي اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت موقف وٺڻو پوندو جيڪي سياست نه رياست کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن پنهنجي ڏنل احتجاج جي سڏ تي اوهان کي فائدو نه ٿيندو، اوهان بي نقاب آهيون، بطور پاڪستاني انهي تي غور ضرور ڪجو. ڪوبه پاڪستاني ايس سي او جي خلاف احتجاج لاءِ نه ايندو.هن چيو ته اداري جي سربراهه جي مقرري روڪرائڻ لاءِ حملو ڪيو ويو، پوءِ هنن 9 مئي واقعو ڪيو، اهو ڪهڙو احتجاج آهي جيڪو پاڪستان جي خلاف آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي پلاننگ جي تحت ڪيو ويندو آهي. پارليامينٽ جي جڏهن مرضي هوندي اهو ترميم ڪندو. سياسي استحڪام انهي ترميم کان سواءِ نٿو اچي سگهي. اها راند صرف انهي لاءِ کيڏي پئي وڃي ته پي ٽي آءِ باني کي سزا کان بچائي سگهجي.ليگي اڳواڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري بهترين طريقي سان ميثاق جمهوريت جو واعدو نڀايو، اتحادين کي هر معاملي تي آن بورڊ وٺندو آهي اسنا چاهيون ٿا ته اسان جا وڌيڪ اتحادي بڻجن.