جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ ف) جي سينئر اڳواڻ ۽ سينيٽر ڪامران مرتَضيٰ چيو آهي ته جي يو آءِ نه پي ٽي آءِ سان گڏ آهي نه ئي وري حڪومت سان گڏ آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر ڪامران مرتضي چيو ته آئيني ڪيسن جي حل لاءِ خصوصي بينچ ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي پارٽي چاهي ٿي ته جهڙي طرح چيف جسٽس جي مقرر ماضي ۾ ٿيندي رهي آهي اهڙي ئي طرح ٿيڻ گهرجي.ياد رهي ته جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ)ف پارلياماني خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آئيني ترميم جو مسودو پيش ڪري ڇڏيو آهي. جي يو آءِ آئيني ترميم تي خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مسودو پيش ڪندي آئيني عدالت تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ آئيني عدالت جي جڳهه تي بينچ جوڙڻ جي تجويز ڏني هئي.سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جي مسودي ۾ صرف آئيني عدالت ۽ بينچ جو فرق آهي. پيپلز پارٽي جي ٻئي مسودي تي اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي، اميد آهي ته جلد ٻئي پارٽيون گڏيل ڊرافٽ تي اتفاق ڪري وٺنديون.سينيٽر ڪامران مرتضيٰ حڪومت جي 66 نڪتن تي ٻڌل مسودي جي جواب ۾ 24 نڪتا پيش ڪندي چيو ته 200 کان به گهٽ آئيني ڪيسن لاءِ وڏي سيٽ اپ جي ڪابه ضرورت نه آهي.شيري رحمان چيو ته ڪابه شيءَ پرفڪيٽ ناهي هوندي، آئيني ترميم به پرفيڪٽ نه ٿيندي، آئيني ترميم ۾ شفافيت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪوشش آهي ته اتفاق راءِ ٿي ويندو. ٻئي طرف حڪومت جي يو آءِ جي ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهي ۽ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي پارٽيون آئيني ترميم جي معاملي تي هڪ پيج تي آهن.