حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪراچي ايڪسپريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪراچي ايڪسپريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون آهن پر ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو آهي.ريلوي اختيارين موجب حادثو اسٽيشن تان روانو ٿيڻ جي فوري بعد ريلوي يارڊ ۾ پيش آيو حادثي کان پوءِ فوري طور تي ريلوي جو ٽيڪنيڪي عملو موقعي تي پهچي ويو ۽ بوگين کي ٻيهر ٽريڪ تي آڻڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو.بوگيون ٽريڪ تان لهڻ سبب اپ ۽ ڊائون ٽريڪ جي ريلوي ٽريفڪ معطل رهي جنهن جي ڪري مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. جنهن کان پوءِ پٽڙي تان لهندڙ 2 بوگين کي ڌار ڪري اپ ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آهي. مختلف اسٽيشنن تي روڪيل ٽرينون پنهنجي منزل طرف روانيون ٿي ويون آهن. اختيارين حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.