پريالوء ڀرسان موٽر سائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو يرغمال موٽرسائيڪل ڦر تفصيل موجب پريالوء ٿاڻي جي حد سکر پيرجوڳوٺ روڊ ڳوٺ الهودايو بڙدي جو رهواسي آصف بڙدي پريالوء کان ڳوٺ وڃي رهيو هو ته مڇي جي تلاء وٽ موٽرسائيڪل سوار ٽن نامعلوم هٿياربندن ڦورن کيس يرغمال بنائي سي ڊي موٽرسائيڪل ماڊل 2021 ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي پريالوء پوليس پهچي واقعي بابت معلومات وٺي واپس موٽي وئي . هوڏانهن ڦرجي ويل نوجوان آصف بڙدي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 125 موٽرسائيڪل تي سوار ٽن نامعلوم هٿياربند ڦورن يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا هن ايس ايس پي خيرپور کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو