دادو ڀرسان خدا آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش ڀنڊ ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.جوابدار ريحان ڀنڊ زميني تڪرار تان پنهنجي سڳي چاچي مختيار ۽ سئوٽ حنيف ڀنڊ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل.خدا آباد پوليس اهڙي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي وئي جنهن ضروري ڪارروائي لاءِ لاش سول اسپتال دادو پهچايا. پوليس موجب واقعو زميني تڪرار تان پيش آيو آهي جوابدار ريحان ڀنڊ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو آهي، سندس ڳولا لاءِ ڇاپامار ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.