پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ آئيني ترميم جي معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر، سينيٽر شيري رحمان ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي سنڌ هائوس ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ٿي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ امين الحق موجود هئا.ٻنهي پارٽين وچ ۾ آئيني ترميم جي معاملي تي اتفاق راءِ ٿي ويو ۽ شفافيت سان اڳيان وڌڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ اهڙي طرح جا رابطا جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.شيري رحمان چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجي آئيني مسودي تي ڀروسي ۾ وٺي رهيا آهيون. اسان اڄ ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي آئيني عدالتن جي قيام جي حوالي سان آگاهه ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي وفدن پنهنجون ترجيحات پيش ڪيون.شيري رحمان چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم سان اهم ملاقات ٿي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جو پراڻو تعلق آهي اڄوڪي ملاقات ۾ تعميري ڳالهيون ٿيون آهن.