مليل ڄاڻ موجب ته ڪنڌڪوٽ لڳ ڪنڌڪوٽ ٺل انڊس هاءِ وي روڊ ڏوهاري سر عام روڊن تي نڪري آيا موٽر سائيڪل سوار کان ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي ڏوهارين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب نوجوان خان محمد قمبراڻي ٿڌي تي قتل ٿي ويو اهڙو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل م وٺي ڇڏيو پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو