پريالوءِ مڙهي ڪالوني جي دوڪاندارن جو ٽائون انتظاميه جي خلاف احتجاج

پريالوءِ :مڙهي ڪالوني جي دوڪاندارن جو ٽائون انتظاميه جي خلاف احتجاج دوڪاندارن يونس گلال، مستري اسلام پنجاپي ، امتياز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اسان جي دوڪانن اڳيان گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪاروبار متاثر ٿي ٿو ھنن وڌيڪ چيو ته ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي انتظاميا اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ٽائون انتظاميه جي نااهلي سبب اسان جي دوڪانن اڳيان گندو پاڻي بيھڻ سبب سخت پريشان آهيون جڏهن ته ٽائون انتظاميه کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن ٽائون چيئرمين سيد جمن شاھ کي به بار بار چيو آهي پر ٽائون چئيرمين روزٺلا آسرا ڏئي رهيو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي دوڪانن اڳيان گندو پاڻي بيهڻ سبب سخت پريشان آهيون هنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو