ڪراچي ۾ 3 ماڙ عمارت اوچتو ڪري پئي

تفصيل موجب ڪراچي جي پراڻي شهر پان منڊي ۾ 3 ماڙ عمارت ڊهي وئي، رهواسين جو چوڻ آهي ته عمارت ڪافي وقت کان خالي هئي ته اوچتو عمارت ڊهي پئي ملبي جو ڍير بڻجي ويو، واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته ملبي کي هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته بلڊر مافيا لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان غير قانوني اڏاوتون ڪري رهي آهي. پراڻي سٽي ايريا جي سروي موجب 500 کان وڌيڪ قديم ۽ زبون عمارتون آهن جتي گهٽ آمدني وارا ماڻهو خوف ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.