حيدرآباد: ڀٽائي ٽائون ۾ قائم خانگي اسڪول جي استادن طرفان شاگرد مٿان تشدد جو انڪشاف، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

 قاسم آباد جي ڀٽائي ٽائون واري علائقي ۾ قائم خانگي اسڪول ۾ استادن پاران شاگردن تي تشدد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، شاگردن تي تشدد ڪرڻ واريون تصويرون پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ٽائون ۾ قائم سندهيانا برائٽ هائي اسڪول ۾ استادن پاران شاگردن تي تشدد ڪرڻ وارو عمل معمول بڻجي چڪو آهي. ان ڏس ۾ اسڪول اندڙ پڙهندڙ شاگرد احسن علي ۽ سندس والد حيدرآباد پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان دانهيو ته اسڪول ۾ مقرر استاد جگديش، مارروي منگي، ساديه ميمڻ ۽ ٻيا شاگردن تي روزاني تشدد ڪن ٿا جيڪو عمل تعليم دشمن آهن.هنن چيو ته استادن جي اهڙي عمل خلاف شڪايت ڪرڻ ۽ والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول مان ڪڍڻ لاءِ پرنسپل سچل جويو وٽ پهتا ته سچل جويو ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شاگردن تي تشدد ڪندڙ استادن خلاف ڪارروائي ڪري اسڪول انتظاميا کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي.