حالتون تيزي سان بهتر ٿي رهيون آهي، جيڪو ٽيڪس گڏ ڪيو هو اهو قرضن ۾ خرچ ٿي ويو: ايف بي آر چيئرمين

ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته ملڪ جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن جيڪو ٽيڪس گڏ ڪيو ويو هو اهو قرضن ۾ خرچن ٿي ويو.ايف پي سي سي آءِ ۾ خطاب ڪندي ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال چيو ته صنعتڪار تڪليف ڏيندڙ مرحلي مان گذريا پر هاڻ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. اميد آهي ته وياج جي شرح ۾ به 2 سيڪڙو گهٽتائي ايندي جيڪو ٽيڪس گڏ ڪيو هو اهو قرضن ۾ هليو ويو.هن ٻڌايو ته روپئي جي صلاحيت جي حساب سان هن وقت به ٽيڪس ڪليڪشن 2018 جي سطڀح تي آهي جيڪڏهن پوري سال جو ٽيڪس صرف قرضن ۾ هليو وڃي ته معاملا بهتر نه آهن. ٽاپ ڪلاس جا هڪ سيڪڙو ماڻهو انڪم ٽيڪس پورو نه پيا ڏين، اسان جي ڪوشش آهي ته وڌيڪ ٽيڪس جي شرح نه وڌي.راشد لنگڙيال چيو ته اسان کي ڪنهن به ايفي ڊيوٽ جي ضرورت نه آهي. سمورا سيلز ٽيڪس لا ۾ موجود آهن اوهان چئي ڇڏيو ته سڀ ڪجهه قانون جي تحت خريداري ٿي رهي آهي ته اسان ان معاملي تي ڪجهه به نه چونداسين، هڪ ماڻهو مون کي ٻڌايو ته هو فلائنگ انوائس جو ڪاوربار ڪندو آهي ته پوءِ ڇا ڄاڻي واڻي فلائنگ انوائس وارا گرفتار ٿيندا.هن چيو ته حقيقت اها آهي ته ريفنڊ تي پئسا ورتا ويندا آهن، اسان ريفنڊز تي ٿيل کليل ٻڌڻي ڪيمرا جي سامهون آڻڻ لاءِ تيار آهيون. مون آفيسر کان پڇيو ريفنڊز جا پئسا ڪيئن طئي ٿيندا آهن. آفيسر چيو ته جعلي ريفنڊز تي وڌيڪ جائز تي گهٽ پئسا وٺندا آهيون، هڪ مهيني لاءِ شهر جي اندران  بجاءِ انٽري پوائنٽس تي اسمگلنگ کان روڪٿام جو ڪم ڪيو وڃي.