وفاقي ڪابينه جو اڄ طلب ڪيل اجلاس ملتوي

وفاقي ڪابينه جو اڄ طلب ڪيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي پر آئيني ترميم جي حوالي سان خصوصي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو.پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس به اڄ طلب ڪيا ويا آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. حڪومت آئيني ترميم قومي اسيمبلي جي بجاءِ پهريان سينيٽ ۾ آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي.سينيٽ اجلاس ٻنپهرن جو 3 وڳي ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻنپهرن جو 4 وڳي ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي سينيٽرز کي مانجهاندو به ڏيندو.پيپلز پارٽي جي سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان ڏنل آئيني مسودن کي گڏ ڪري هڪ مسودو ٺاهڻ تي مشاورت ڪئي ويندي. خصوصي ڪميٽي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سميت ٻيون سياسي پارٽيون به شريڪ ٿينديون.ياد رهي ته گذريل ڏينهن آئيني ترميم تي پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي وچ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي پر پاڪستان مسلم ليگ(ن) کي ڪجهه شقن تي خدشا آهن.