تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ آئيني ترميم سميت باني پي ٽي آءِ ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪرڻ واري آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو، غير آئيني ترميمن خلاف قوم کي روڊن تي اچڻو پوندو، جيڪڏهن اڄ اسان آواز نه اٿاريو ته اسان جي ايندڙ نسلن کي سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو. هي. پي ٽي آءِ پاران ملڪ گير احتجاج جي سڏ تي جڙيل شهرن ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، راولپنڊي، اسلام آباد ۾ روڊن تي پوليس جي وڏي نفري موجود آهي. احتجاج جي سڏ کي نظر ۾ رکندي انتظاميا به تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، لياقت باغ کان فيض آباد تائين مري روڊ تي ڪنٽينر بيهاريا ويا آهن، جڏهن ته مري روڊ ڏانهن ويندڙ مختلف روڊن کي وليج بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جڙيل شهرن ۾ قلم 144 لاڳو آهي، سياسي گڏجاڻين يا ڪنهن به قسم جي احتجاج تي پابندي آهي. پنجاب حڪومت به ٻن ڏينهن لاءِ صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب ريلي سميت هر قسم جي گڏجاڻين تي پابندي آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ اڄ ميٽرو سروس بند رهندي. پنجاب حڪومت احتجاج کي نظر ۾ رکندي اڄ صوبي جا سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.