تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندا، قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس به ٿيندو، جنهن جو وقت به تبديل ڪيو ويو آهي. اجلاس جو جيڪو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، آئيني ترميمي بل ٻنهي ايوانن جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي. قومي اسيمبلي جي 15 نقاطي ايجنڊا ۾ چيو ويو آهي ته آئيني ترميم کي ضمني ايجنڊا طور آندو ويندو، ڊيپوزٽ پروٽيڪشن ڪارپوريشن ترميمي بل 2024 قانون سازي لاءِ پيش ڪيو ويندو. ايجنڊا ۾ چيو ويو آهي ته اسپيشل ڪورٽ فار پروٽيڪشن آف پراپرٽي بل 2024ع پيش ڪيو ويندو، نيشنل ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين ترميمي بل 2024ع پيش ڪيو ويندو. پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ اينڊ ايسٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي بل 2024ع پيش ڪيو ويندو، بايولوجيڪل اينٽي ٽوڪسن ويپن ڪنوينشن امپليمينٽيشن بل 2024 پيش ڪيو ويندو، ليگل ايڊمنسٽريٽو اٿارٽي ترميمي بل بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. جنرل سيلز ٽيڪس جي وصولي ۾ بي ضابطگين ۽ ريلوي ملازمن کي پگهارون نه ڏيڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ايجنڊا تي آهي. ٻئي طرف سينيٽ اجلاس جو 7 نقاطي ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي، آئيني ترميم کي ضمني ايجنڊا طور آندو ويندو، سينيٽ اجلاس ۾ 3 ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون وينديون. بلوچستان يونيورسٽي ۾ بک هڙتال، پگهارون نه ملڻ جا نوٽيس شامل آهن، ٻنهي ايوانن ۾ صدر جي خطاب تي شڪريو ادا ڪرڻ تي بحث ايجنڊا جو حصو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته سڪيورٽي سببن جي ڪري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مهمانن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي، ميڊيا جي نمائندن کي ڪارڊ رکندڙ پريس گيلري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، ايوان جي افتتاح لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن. – پريس گيلري ڪارڊ جو ڏينهن.