لنڊن جي عدالت جو فيصلو: پي آءِ اي کي وڏو ڌڪ

تفصيل موجب لنڊن ۾ قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جي 8 اڳوڻن ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. لنڊن جي هڪ عدالت قومي ايئر لائن جي اڳوڻي ملازمن کي 5 لک پائونڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪيس ۾ ايمپلائيمينٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. قومي ايئر لائن جي 8 ملازمن کي ٻه سال اڳ برطرف ڪيو ويو هو، جنهن بعد ملازمن برطرفي خلاف لنڊن جي عدالت سان رجوع ڪيو هو. ملازمن موقف اختيار ڪيو ته کين ناانصافي طور برطرف ڪيو ويو آهي. قومي ايئر لائن جا ملازم پنج کان پندرهن سالن تائين وابسته هئا پر هاڻي عدالتي فيصلي کانپوءِ قومي ايئر لائن کي ملازمن کي پنج لک پائونڊ ادا ڪرڻا پوندا.