اهم خبر، ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي داخلا جو عمل روڪيو ويو آهي

تفصيل موجب يو ايڇ ايس پاران سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 21 آڪٽوبر ۽ پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 5 نومبر تي داخلائن جو اعلان ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته سنڌ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جا داخلا روڪيا هئا پر عدالتي حڪمن باوجود داخلائن جو شيڊول جاري ڪيو ويو، جنهن تي توهين عدالت جي درخواست داخل ٿيڻ بعد وائيس چانسلر يو ايڇ ايس داخلا جو شيڊول واپس وٺي ڇڏيو آهي.