آئيني ترميم جي لاءِ اڄ قومي اسيمبلي جي ٿيندڙ اجلاس ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته اڄوڪي اجلاس جي لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ مهمانن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.ترجمان موجب پريس گيلري جو ڪارڊ رکندڙ ميڊيا جي نمائندن کي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته هڪ ڏينهن وارا پريس گيلري ڪارڊ جاري نه ڪيا ويندا.قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر جي رولنگ جي روشني ۾ پريس گيلري ۾ وڊيو ٺاهڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان جاري ڪيل رولنگ ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني رپورٽرز پريس گيلري مان وڊيو ٺاهڻ کان پاسو ڪن، ڪوبه وڊيو ٺاهيندو ته انهي جو موبائل فون ضبط ڪيو ويندو. اختيارين ٻڌايو آهي ته اجلاس جي دوران قومي اسيمبلي جي سيڪيورٽي جا اهلڪار به پريس گيلري ۾ موجود هوندا. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 6 وڳي ٿيندو.