مولانا فضل الرحمان اڄ راضي نه ٿيو ته آئيني ترميمي مسودي ۾ فوجي عدالتن جي شق شامل ڪئي ويندي: ذريعا

وفاقي ڪابينه جو اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي مولانا فضل الرحمان سان ٿيندڙ ملاقات جو احوال ٻڌايو، بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان ٿيندڙ ڳالهيون ڪابينه ميمبرن جي موجودگي ۾ وزيراعظم کي ٻڌايون.هن ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان بهترين رويو رکيو پر اسان حتمي ڳالهيون سمجهي نه سگهياسين اڄ 2 وڳي تائين انتظار ڪيو ويندو، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي آهي انهي جي باري ۾ هو ڪهڙو جواب ڏئي ٿو، جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان اڄ ڏينهن جو 2 وڳي تائين حامي نه ڀري ته ڪابينه جو اجلاس ٿيندو ۽ مولانا فضل الرحمان جي مسودي کان هٽي ڪري پراڻي مسودي مان گهڻين شين کي شامل ڪيو ويندو.مولانا فضل الرحمان جيڪڏهن راضي نه ٿيو ته مسودي ۾ فوجي عدالتن جي قيام جي شق به اچي سگهي ٿي، مولانا فضل الرحمان کان مثبت جواب نه ملڻ جي صورت ۾ اصلي مسودي ۾ شامل شقن جي منظوري لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان مڃي ويو ته پوءِ پرائيويٽ ميمبر بل جي طور تي مولانا فضل الرحمان پاڻ بل پيش ڪندو، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي ايوانن ۾ ڌار ڌار اڪثريت موجود آهي.