ڪراچي جي فليٽ مان لاش ملڻ وارو واقعو: جوابدار ماءُ، ڀيڻ، ڀاڻيجي، ۽ ڀاڀي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو

  ڪراچي جي علائقي لي مارڪيٽ جي فليٽ مان چئن عورتن جا لاش اچڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.پوليس اختيارين موجب جوابدار بلال ماءُ، ڀيڻ، ڀاڻيجي ۽ ڀاڀي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. جوابدار بلال تيز ڌار اوزار سان ماءُ، ڀيڻ، ڀاڻيجي ۽ ڀاڀي کي قتل ڪيو.پوليس اختيارين موجب جوابدار بلال پنهنجي گهر واري کي طلاق ڏئي چڪو آهي، جوابدار بلال پنهنجي ڀيڻ تي ناجائز لاڳاپن جو شڪ  ڪندو هو جوابدار طرفان ڏوهه جي اعتراف کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.گهر جي سربراهه محمد فاروق موجب منهنجي پٽ بلال جي کاٻي ۽ ساڄي ٻانهن جي آڱرين تي تازا ڪٽ جا نشان هئا پڇڻ تي بلال ڪوبه خاطر خواهه جواب نه ڏنو. پوليس موجب واردات ۾ ڪيس داخل ڪرائيندڙ جو پٽ بلال ملوث آهي ڇو ته  جوابدار گهر جي ڪجهه عورتن تي ناجائز لاڳاپن جو شڪ ڪندو هو.جاچ دوران جوابدار ٻڌايو ته هن شڪ جي آڌار تي تيز ڌار اوزار سان طلاق يافته ڀيڻ، معصوم ڀاڻيجي، ڀاڀي ۽ ماءُ کي قتل ڪيو جڏهن ته بلال پنهنجي گهر واري کي به طلاق ڏئي چڪو آهي. جوابدار طرفان ڏوهه جي اعتراف کان پوءِ پوليس طرفان ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي