ڪنڌڪوٽ گذريل رات تنگواڻي انڊس ھاءِ تي ڏوھارين ھٿان قتل ٿيل معصوم نينگر علي لاشاري جي قاتلن جي گرفتاري

ڪنڌڪوٽ گذريل رات تنگواڻي انڊس ھاءِ تي ڏوھارين ھٿان قتل ٿيل معصوم نينگر علي لاشاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران لاش انڊس ھاءِ وي جھولي لال پمپ ويجھو رکي ڌرڻو ھڻي ڇڏيو ڌرڻي سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون ڌرڻي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي نينگر جي والد الطاف لاشاري، دلمراد ڏاھاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي جنھن ٿاڻي جي حد ۾ ھي واقعو پيش آيو اھي انھي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي وڃي ڌاڙيل ڪلچر پويان پوليس جو مڪمل ھٿ آھي پوليس جي وس جي ڳالھ نه آھي ته ھو ڌاڙيلن کي ڪنٽرول ڪري ڪيستائین اسان پنھنجي پيارن جا ائین لاش کڻنداسين جيستائین معصوم نینگر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو اسان جي ھي احتجاجي ڌرڻو جاري رھندو