شيخ ڀرڪيو جي صحافي مٿان حملو ڪندڙ بااثر گرفتار ڪيو ً پريالوءِ ۾ قلم ڌڻين جو احتجاجي مظاهرو . تفصيل موجب شيخ ڀرڪيو جي صحافي سجاد ٿھيم مٿان غلام حيدر شاھ جي پٽن اعزاز حيدر، شھاب حيدر پاران حملو ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو زخمي ڪرڻ واقعي خلاف پريالوءِ جي قلم ڌڻين پريس ڪلب پريالوءِ صدر عبدالجبارميراڻي . ثناءُ الله بلوچ . ظفر بلوچ صوبل اوڍو . محمد انور ناريجو . محمد عمر ڀٽو . معروف احمدشيخ . عمران اوڍو . سرفراز عباسي . عبدالسلام بلوچ . حمادالله ميمڻ سرفراز سومرو . مشتاق احمد سولنگي . عامر حسين اوڍو ، منيربوئو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پريالوءِ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيوته حق سچ لکندڙ صحافين سجاد ٿھيم مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ جو سلسلو بند نه ٿو ٿئي .صحافين وڌيڪ چيوته شيخ ڀرڪيو شهر ۾ بااثر شخص صحافي مٿان وحشياڻو تشدد ڪري کيس زخمي ڪيو جنهن بعد متاثر زخمي ٿيل صحافي سجاد ٿھيم حد جي ٿاڻي تي پڻ ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر هن مهل تائين پوليس صحافي مٿان حملو ڪندڙ بااثر شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي . پريالوءِ جي صحافين موجب شيخ ڀرڪيو پوليس جوابدران کي گرفتار نه ڪرڻ مطلب پوليس بااثرن جي ونگارو بڻيل آهي . پريالوءِ جي صحافين آءِ جي سنڌ . ايڊيشنل آئي جي جاويد عالم اوڍو سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيوته قلم ڌڻين مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري قلم ڌڻين کي تحفظ فراهم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو