پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان منظوري کان اڳ ئي سڀني کي 26هين آئيني ترميم جي مبارڪباد پيش ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي اوهان سڀني کي 26هين آئيني ترميم جي مبارڪ هجي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. مولانا صاحب جو ٿورائتو آهيان، جي يو آءِ آئيني ترميم جي مسودي تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان پارٽي سينيٽرز کي اجلاس ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي آهي، جي يو آءِ جا سينيٽرز پارليامينٽ هائوس پهچي ويا آهن.پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ هر فورم کي استعمال ڪيو پر ترميم تي هڪ لفظ به نه ڏنو، پوءِ به کين درخواست ڪريان ٿو ته پي ٽي آءِ قومي مفاد ۾ انهي ترميم جو ساٿ ڏيندي پي ٽي آءِ ميمبرن ڪميٽي ۾ ۽ ملاقاتن ۾ اتفاق راءِ ڪيو هو. منهنجي ۽ مولانا جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ پي ٽي آءِ جو رد عمل افسوسناڪ آهي.هن چيو ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪوبه تڪراري پوائنٽ ناهي بچيو، مولانا جو جيترو ٿورو ادا ڪريان اهو اڻپورو آهي، مولانا جو ڪردار تاريخ ياد رکندي، انهي جو ٿورائتو آهيان ته هن پنهنجي سينيٽرز کي پهچڻ جي هدايت ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس منصور علي شاهه پاڻ سينارٽي سان گڏ ميرٽ جي ڳالهه ڪئي. هڪ جج مون کي ۽ آصفه بي بي کي اهو انصاف ڏنو جيڪو ڪير به نٿو ڏئي سگهي. اهڙي جج مشرف کي سزا ڏني، فيض آباد ڌرڻي جو فيصلو ڏنو، پي ٽي آءِ جو ساٿ هجي يا نه، اسان جي ڪوشش هوندي ته اڄ هر حال ۾ اهو ڪم پورو ٿئي.