سينيٽ اجلاس: قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ 26هين آئيني ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو

 چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ آف پاڪستان جو اجلاس جاري آهي، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ 26هين آئيني ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، بل جي ڪنهن به ميمبر طرفان مخالفت نه ڪئي وئي.چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس جي شروعات تي نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار سينيٽ چيئرمين کان معمول جي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي تحريڪ پيش ڪئي جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ 26هين آئيني ترميم جي مسودي تي بحث جي شروعات ڪندي چيو ته اسان سمورين سياسي پارٽين سان ڊگهي مشاورت ڪئي آهي، جمعيت علماءِ اسلام(ف) سان به مشاورت ڪئي وئي.اعليٰ عدليه ۾ ججز جي مقرري جي طريقيڪار کي 18هين آئيني ترميم جي ذريعي تبديل ڪيو ويو ۽ انهي ۾ پارليامينٽ وڏي محنت ۽ غور فڪر کان پوءِ هڪ اهڙو طريقيڪار متعارف ڪرايو جنهن ۾ اهو ممڪن بنايو ويو ته اعليٰ عدليه ۾ ججز جي مقرري شفاف ۽ ميرٽ موجب ڪئي وڃي.