6

سينيٽ کان پوءِ قومي اسيمبلي به26هين آئيني ترميم منظور ڪري ورتي

 سينيٽ کان پوءِ قومي اسيمبلي به 26هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي حڪومت ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب  ٿي وئي.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران شروعاتي ٻن شقن جي شق وار منظوري جي دوران اپوزيشن جي 12 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو جنهن کان پوءِ اپوزيشن ميمبر بائيڪاٽ ڪري ايوان مان ٻاهر هليا ويا.ايوان ۾ 26هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ حڪومت کي 224 ووٽن جي ضرورت هئي پر ترميم تي شق وار جي منظوري دوران 225 ميمبرن ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو. آئيني ترميم جي حق ۾ 6 ناراض ميمبرن به ووٽ ڪيو جن ۾ 5 جو تعلق پي ٽي آءِ جڏهن ته هڪ جو تعلق (ق) ليگ سان ٻڌايو پيو وڃي. جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اجلاس اڱاري جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو