26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ درخواستگذارن آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.محمد انس نالي درخواستگذار وڪيل عدنان جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم کي چيلينج ڪيو آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ کان 26هين آئيني ترميم ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي درخواست ۾ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو قانونسازي جو اختيار آهي، پارليامينٽ هڪ ڀاڱي 2 سان آئين ۾ ترميم ڪري سگهي سگهي، پارليامينٽ کي عدالتي معاملن کان مٿانهون عمل ڪرڻ جو اختيار نه آهي. 26هين آئيني ترميم جي بنيادي ڍانچي ۽ ادارن جي وچ ۾ اختيارن جي ورهاست جي خلاف آهي.عدالت سڳوري ۾ داخل ڪيل درخواست موجب آئيني ترميم جي ذريعي چيف جسٽس جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ڪيو ويو آهي. ترميم کان پوءِ چيف جسٽس جي مقرري حڪومت وٽ هلي وئي آهي. اهڙي طرح ججز مقرري جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي بيت کي به تبديل ڪيو ويو آهي. عدالت کان استدعا آهي ته 26هين آئيني ترميم کي بنيادي حقن ۽ عدليه جي آزادي جي برابر قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.ٻئي طرف ڪراچي جي وڪيل نئين آئيني ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي. الاهي بخش ايڊووڪيٽ طرفان وفاق، قانون واري وزارت ۽ ٻين کي ڌر بنائي ابراهيم سيف الدين جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوڊيشل ڪميشن کي انتظاميه جي ماتحت ڪيو ويو آهي. ججز جي ساليانه ڪارڪردگي رپورٽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ٺاهيندي آهي انتظاميه ڪيئن ٺاهيندي؟ آئيني بينچز حقيقت ۾ آئيني عدالت آهي. آئيني بينچز جي قيام سان هڪ متوازي عدالت بڻجي ويندي. عدليه سياستدانن ۽ ايگزيڪٽو جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي. عدالت کان استدعا آهي ته آئيني ترميم تي عمل ڪرڻ کان روڪيو وڃي.