ايراني رجيم تي اعتبار

ايران سان ڳالھيون سٺيون پيون ھلن

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تھ ايران سان ڳالھيون سٺي نموني اڳتي وڌي رھيون آھن ۽ ايران معاھدو ڪرڻ چاھي ٿو، پر اڃا اھو واضح ناھي تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ معاھدو ٿي سگھندو يا نھ.فلوريڊا ۾ ھڪ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ٽرمپ چيو تھ ايراني حڪومت تي مڪمل اعتبار نٿو ڪري سگھجي. ھن ايران سان ڳالھين ۾ احتياط اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.ٽرمپ جو اھو بيان اھڙي وقت سامھون آيو آھي، جڏھن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ممڪنھ معاھدي بابت ڳالھين جو سلسلو جاري آھي.آمريڪي صدر موجب، واشنگٽن ايران سان اھڙو مضبوط معاھدو ڪرڻ چاھي ٿو، جيڪو ٻنھي ملڪن جي معاملن ۽ خطي جي صورتحال لاءِ اھم ثابت ٿي سگھي.