پنجاب ھيلٿ ڪيئر ڪميشن (PHC) صوبي جي سمورن اسپتالن ۽ صحت جي سھولتن وارن ادارن لاءِ نيون ھدايتون جاري ڪندي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻين ملازمن لاءِ ڊيوٽي دوران مقرر ڪيل يونيفارم پائڻ لازمي قرار ڏنو آھي.ڪميشن جي جاري ڪيل ھدايتن موجب، اھي ضابطا پنجاب ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ايڪٽ 2010ع جي سيڪشن 4. 2 تحت لاڳو ڪيا ويا آھن.حڪم جو مقصد مريضن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ، اسپتالن ۾ انفيڪشن جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۽ عملي ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪرڻ آھي.ڪميشن موجب، يونيفارم جي پابندي سان اسپتالن ۾ عملي جي سڃاڻپ واضح ٿيندي ۽ مريضن کي لاڳاپيل عملي تائين پھچڻ ۾ آساني ٿيندي.صحت جي شعبي ۾ جاري ڪيل ھن قدم کي اسپتالن جي انتظامي نظام ۽ مريضن جي حفاظت کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي.