دبئي فرار ٿيل مبينا جوابدار تقي حيدر شاهه جي حوالگي ۾ ناڪامي تي عدالت گهرو کاتي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

تفصيل موجب اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دبئي کان پاڪستان فرار ٿيل مبينا جوابدار تقي حيدر شاهه جي حوالگي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته گهرو کاتو عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ايڊيشنل پراسيڪيوٽر چيو ته گهرو کاتي عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.جڏهن ته ڪيس جي پيروي ڪندڙ جبران ناصر ايڊووڪيٽ اعتراض ڪندي چيو ته رپورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي پراڻي عذر تي پيش ڪئي وئي آهي، معاملو پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن سان لاڳاپيل آهي، جج صاحبان اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيا آهن. جبران ناصر ايڊووڪيٽ چيو ته عدالت پرڏيهي سيڪريٽري کي 6 ڀيرا طلب ڪيو پر هو پيش نه ٿيو، عدالت چيو ته 4 نومبر تائين آخري موقعو ڏئي رهيا آهيون، ان کانپوءِ ڪجهه ڪارروائي ڪندا.وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جيڪڏهن جوابدار جو پاسپورٽ رد ڪيو وڃي ته دبئي اختيارين جوابدار کي ڊي پورٽ ڪري ڇڏيندو.درخواستگذار مهيم امجد موجب سندس والد کي سندس آفيس جي ساٿي تقي شاهه 2008ع ۾ قتل ڪيو هو، مهيم امجد موجب سندس والد لائف انشورنس ڪمپني جي آفيس ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي هئي. هن قتل واري واقعي جي مناسب پيروي نه ٿيڻ سبب جوابدار کي دبئي فرار ٿيڻ جو موقعو مليو.مهيم امجد موجب کيس سوشل ميڊيا ذريعي ملزم تقي حيدر شاهه بابت معلوم ٿيو هو ته هو دبئي ۾ آهي، جنهن تي هن جوابدار کي دبئي ۾ گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته عدالتي حڪمن باوجود دبئي اختيارين کي جوابدارن جي حوالگي جا دستاويز فراهم نه ڪيا ويا، جنهن سبب دبئي اختيارين جوابدار تقي حيدر شاهه کي آزاد ڪري ڇڏيو.