سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ چونڊڪو پوليس خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي، پوليس کنڀي گم ڪيل پيرسن کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ۽ ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ۽ گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن کي گم ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، چونڊڪو ۽ بهارو ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کي 30 آڪٽوبر تي طلب ڪندي رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ بچل شاهه مياڻي لڳ ڳوٺ صدورو شيخ جي رهواسڻ مومل شيخ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ چونڊڪو پوليس خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊويزن بئنچ آڏو درخواستگذار جي وڪيل رياض علي شيخ دليل ڏيندي چيو ته پيرسن ميرمحمد شيخ پنهنجي گهرڀاتين ۽ ٻين عزيزن سان گڏ 13 آڪٽوبر 2024ع جي ڏينهن مهراڻ ڪار تي سوار ٿي چونڊڪو کان واپس اچي رهيا هئا ته رستي ۾ ناڪابندي ڪري بيٺل پوليس اٽالن کين تلاشي بهاني روڪي پيرسن ميرمحمد شيخ کي پٽ بشير، ڀائيٽي ضمير، عمران ۽ مقدر شاهه سميت بيگناهه کنڀي کڻي گرفتار ڪري ورتو، پوليس کنڀي گرفتار ڪيل ماڻهن کي ڪنهن نامعلوم هنڌ منتقل ڪري گم ڪري ڇڏيو، جن مان 70 ورهين جي پيرسن ميرمحمد عرف ميرو ولد نورمحمد شيخ کي اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو دير سان گمبٽ تعلقي جي بهارو ٿاڻي جي حد ۾ ڪوڙو مقابلو ڏيکاري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻن ڄڻن بشير ۽ ضمير شيخ کي گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس عمران ۽ مقدر شاهه کي گم ڪري ڇڏيو آهي، هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته پوليس جي ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي، عدالت درخواستگذار عورت جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، چونڊڪو ۽ بهارو ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کي رڪارڊ سميت طلب ڪندي 30 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي