ٺيڙهي جي رهواسي ڇوهارا مارڪيٽ سکر جي هندو واپاري نريش ڪمار خيرپور ۾ احتجاج ڪندي

ٺيڙهي جي رهواسي ڇوهارا مارڪيٽ سکر جي هندو واپاري نريش ڪمار خيرپور ۾ احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو ڀاء مڪيش ڪمار ۽ ڀائيٽيو اوم پرڪاش 8 ڪروڙن جو فراڊ ڪري ظلم ڪيو آهي حق گهرڻ تي قتل ڪرائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هن چيو ته ميڪش ۽ اوم پرڪاش منهنجي مرحوم والد جو رکيل ڏيڍ ڪروڙ روڪ ضبط ڪري ڇڏيو آهي ڇوهارا منڊي جي واپار جي ڪاروبار مان بئنڪ فراڊ، کاتن ۾ هيرڦير ڪري ٽن کان چئن ڪروڙن جو نقصان ڏنو ويو آهي مخالف جوابدار بابا جو رکيل 70 تولا سون ۽ والده جو رکيل 150 ڍيڍ سئو تولا سون پريالو واري ڀيڻ وٽان کڻي ضبط ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته حق گهرڻ تي ظالم ڀاء ۽ ڀائيٽيو مونکي خاندان سميت جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن نريش ڪمار چيو ته حق گهرڻ جي رستي ۾ مون مٿان عدالتن مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪيو پيو وڃي جن مان ڪجهه ڪيس مون مٿان ثابت نه ٿيڻ ڪري عدالتن خارج ڪري ڇڏيا آهن پر مخالف ڌر جا ڏوهارين ۽ پوليس سان واسطا آهن جنهن ڪري مون مٿان وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ ۽ مون کي قتل ڪرائڻ جا خطرا موجود آهن نريش ڪمار چيو ته مخالف ڌر پاران فراڊ ۽ حق ڦٻائڻ واري معامرن تي ڇوهارا مارڪيٽ سکر جي واپاري اڳواڻن ۽ ٺيڙهي جي چيئرمين عبدالمجيد شيخ وٽ فيصلا ۽ ڳالهيون ڪيون سي پر مخالف ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هندو واپاري نريش ڪمار مينارٽي حقن جي صوبائي وزير ،آئي جي سنڌ ،ڊي آئي جي سکر هندو پنچائت سکر ۽ خيرپور، ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مڪيش ۽ اوم پرڪاش سميت سندن ساٿارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي