سکر انڊسٽريل ايريا مسئلن جي ورچڙهيل، ڊولپمينٽ جي مد ۾ اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود سهولتن جو فقدان

سکر انڊسٽريل ايريا مسئلن جي ورچڙهيل، ڊولپمينٽ جي مد ۾ اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود سهولتن جو فقدان، انڊسٽري لاءِ ورتل پلاٽ ڪمرشل مقصدن طور استعمال ٿيڻ جون ايم ڊي سائيٽ کي شڪايتون، صنعتي انڊسٽري کي هٿي وٺائڻ لاءِ سموريون جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو، رپورٽ موجب سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ لميٽيڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر غضنفر علي قادري سکر انڊسٽريل ايريا جي مسئلن جي حل ۽ ڊولپمينٽ جي حوالي سان چيمبر آف ڪامرس پهچي تاجر اڳواڻن ۽ صنعتڪارن سان گڏجاڻي ڪئي، ان دوران حاجي محمد طاهر شيخ، محمد خالد ڪاڪيزئي، اميت ڪمار، محمد اويس رئيس ملڪ، محمد يعقوب ملڪ، گرداس واڌواڻي، نعمان آرائين ۽ ٻين سکر ۾ انڊسٽري جي صنعت کي درپيش مسئلن ۽ هلندڙ ڪارخانن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ تجويزون ۽ رايا ڏنا ويا، ان دوران صنعتڪارن ۽ مل اونرز صنعتي علائقن ۾ سهولتن جي کوٽ واريون شڪايتون ڪندي ايم ڊي سائيٽ جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته سکر سائيٽ ايريا ۾ واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج نظام خراب آهي، روڊ تباهه آهن، ليز ڪيل پلاٽن تي قبضا ٿي ويا آهن، جن تي سرن جا بٺا لڳايا ويا آهن، خالي پيل پلاٽن مان مٽي کڻي بٺن وارن کي وڪرو ڪئي وڃي ٿي، سائيٽ سيڪيورٽي اسٽاف جي ملي ڀڳت سان قيمتي وڻن جي واڍي ڪئي وئي آهي، امن امان جي صورتحال پيچيده هئڻ ڪري مزدورن کان ڦرون ٿين ٿيون، انچارج سائيٽ انجنيئر ڪو به مسئلو حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿو ڏيکاري، ان دوران ايم ڊي سائيٽ صنعتڪارن توڙي تاجرن کي درپيش مسئلن جي حل ۽ صنعتي علائقي ۾ ڊولپمينٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو يقين ڏياريو، گڏجاڻي کانپوءِ ايم ڊي سائيٽ غضنفر علي قادري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سکر جي انڊسٽريل ايريا ۾ ڪارخانا هڻڻ لاءِ ورتل پلاٽ غيرقانوني طور گودام ۽ ٻين ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن، تنهن ڪري اهڙن الاٽيز کي فائنل شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا آهن، جلد ڪارروائي ڪري پلاٽن جي الاٽمينٽ ڪينسل ڪري صنعتون هڻڻ جي خواهشمند کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ هڪ مڪينزم جوڙيو ويو آهي ته پلاٽ الاٽيز کان 6 مهينن اندر ڪارخانو لڳائڻ جو قسم نامو ورتو ويندو، هن چيو ته سکر سائيٽ ۾ ڊولپمينٽ، ڪنسٽرڪشن، انوائرمينٽ، ڊرينيج، واٽر سپلاءِ، اسٽريٽ لائيٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، جڏهن ته امن امان جو مسئلو پڻ حل ڪيو ويندو، سکر سائيٽ ۾ گريجوئيٽ انجنيئر به مقرر ٿيندا رهيا آهن، پر انتظامي معاملن کي هلائڻ جي اهل ڊپلوما انجنيئر کي اسٽيٽ انجنيئر جي چارج ڏيڻ قبولڻ جوڳو هوندو آهي، هن چيو ته سائيٽ ۾ جعلي ڀرتين جو شوشو سوشل ميڊيا تي ڇڏيو ويو هو، ورهين کان پروموشن نه ٿيا آهن، پروموشن ٿيڻ کانپوءِ خالي ٿيندڙ جاين تي لکت وارو امتحان وٺي ميرٽ تي نيون ڀرتيون ڪيون وينديون، سکر جي سائيٽ ايريا ۾ روڊن جي بهتري ۽ امن امان توڙي ٻين لاڳاپيل معاملن بابت ڊپٽي ڪمشنر سکر سان گڏجاڻي ڪئي آهي، باقي صنعتڪارن ۽ واپارين بائيوميٽرڪ جي سهولت سکر ۾ فراهم ڪئي ويندي، سائيٽ سکر ۾ ڊبل روڊ اسڪيم فنڊ خرچ ٿيڻ ڪري عارضي طور معطل ٿي آهي تمام جلد ٽينڊر ڪرائي ڊبل روڊ جي اسڪيم مڪمل ڪئي ويندي