پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هينڊريڊ انڊيڪس 87 هزار 309 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، هينڊرڊ انڊيڪس 727 پوائنٽس جي واڌ سان 87 هزار 194 پوائنٽس تي بند ٿيو.سڄي ڏينهن ۾ مجموعي طور 445 ڪمپنين جا شيئرز جا سودا ٿيا.رپورٽ موجب 212 ڪمپنين جي شيئرز جا اگهه وڌيا جڏهن ته 173 ڪمپنين جي شيئرز ۾ گهٽتائي ٿي، مارڪيٽ ۾ 69 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 26 ارب 65 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، مارڪيٽ جي بلند ترين سطح 87309 پوائنٽس ۽ هيٺين سطح 86284 پوائنٽس هئي.ڪالهه واپار واري ڏينهن 100 انڊيڪس 86 هزار 846 جي بلند ترين سطح بڻيو پر ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 409 پوائنٽن جي واڌ سان 86 هزار 466 جي رڪارڊ بلند ترين سطح تي بند ٿيو.