سابق وزيراعظم ۽ ائٽمي پلان جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ انٽرنيشنل سازش تحت عدالتي قتل کان پوء ملڪ کي هڪ ڊگهي مارشل لا جي طرف ڌڪيو ويو. ان مارشل لا جو باني ان وقت جو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياء الحق ۽ ان مارشل لا جا سهولتڪار ان وقت جا جج هيا. ان وقت جي ڊڪٽيٽر جنرل ضياء هڪ غير آئيني عبوري حڪومت ٺاهي پاڻ کي ملڪ جو صدر بڻايو. پوء ان وقت جي غير اخلاقي ۽ غير جهموري پارليامينٽ آئين ۾ ترميم ڪري سڀ اختيار ان وقت جي صدر پاڪستان کي منتقل ڪيا. جنهن ۾ اهم ڪردار ان وقت جي ججن جو هيو. پوء جنرل ضياء هڪ پاورفل صدر بڻجي ويو. ان وقت جي وزيراعظم کي ڪو بہ اختيار نہ رهيو. بلڪ وزيراعظم بہ صدر جو محتاج هيو. جنرل ضياء بہ انٽرنيشنل سازش تحت جهاز ايڪسيڊنٽ ۾ مارجي ويو. جنهن کي اسان مڪافات عمل بہ چئي سگهون ٿا. …