ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب هڪ عالمي خبرن جي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي باضابطا طور تي هڪ ارب ڊالر جي فنڊ جي درخواست ڪئي آهي.ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ڪلائميٽ ريسڪ فنڊ کان هڪ ارب ڊالر جي فنڊ جي درخواست ڪئي آهي اها درخواست آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪئي وئي.پاڪستان آر ايس ٽي فنانسنگ ذريعي آءِ ايم ايف کان اضافي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها سهولت گهٽ ۽ وچين آمدني وارن ملڪن کي ٻاهرين معاشي جھٽڪن کان بچائڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي.رائٽرز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايشين انفراسٽرڪچر بئنڪ سان پانڊا بانڊز جي قرضن ۾ واڌ تي به ڳالهيون ڪري رهيو آهي.