چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ بابت فل ڪورٽ ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

تفصيل موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ بابت فل ڪورٽ ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.فل ڪورٽ ريفرنس اڄ 10:30 وڳي سپريم ڪورٽ جي ڪورٽ روم نمبر 1 ۾ ٿيندو، جنهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سپريم ڪورٽ جا جج شرڪت ڪندا.فل ڪورٽ ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جا وڪيل، عدالتي عملو ۽ صحافي شرڪت ڪندا.تقريب کي نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي خطاب ڪندا، ان کان علاوه وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل ۽ صدر سپريم ڪورٽ به خطاب ڪندا.چيف جسٽس اڄ پنهنجي آخري ڏينهن تي ڪيسن جي ٻڌڻي نه ڪندو، هو اڄ چيمبر جو ڪم ڪندو.آخري ڏينهن تي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ تعمير هيٺ يادگار جو افتتاح به ڪندو، جڏهن ته نامزد چيف جسٽس طرفان جسٽس قاضي فائز جي اعزاز ۾ ماني به ڏني ويندي.گذريل رات سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار ڪائونسل پاران چيف جسٽس قاضي فائز جي اعزاز ۾ الوداعي ڊنر ڏني وئي، جنهن ۾ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس حسن رضوي، جسٽس عرفان ميمڻ شرڪت ڪئي. .نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندو خيل ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻين ججن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق به الوداعي عشائيه ۾ شرڪت ڪئي.جسٽس منيب اختر، جسٽس اطهرمن الله، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهدهوحيد نه پهتا.