تفصيل موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته معاشي دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ کان اٽڪل هڪ ارب ڊالرن جي مالي مدد جي ضرورت آهي.ناڻي واري وزير چيو ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ سان واپار ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، اسان پرڏيهي مٽاسٽا کي مستحڪم رکڻ لاءِ درآمدات تي پابندي لڳائڻ جهڙا قدم کنيا آهن، ايندڙ سال مارچ جي آخر تائين پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 13 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا.مهانگائي جي حوالي سان هن چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽجي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.وفاقي وزير چيو ته پانڊابنڊ چين جي وڏين مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ وارا آهن ۽ پاڪستان وچ اوڀر جي بينڪن سان ڪمرشل قرضن جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف گذريل مهيني پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏني آهي، آءِ ايم ايف وڌيڪ فنڊ آر ايس ٽي تحت فنانسنگ ذريعي ڏيڻ جي شرط رکي آهي.