پي ٽي آءِ جي باني ڀائرن جي به ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

تفصيل موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي باني ڀينرن عليما خانم ۽ عظميٰ خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل صفي سردار بسي ايڊووڪيٽ ۽ مرزا عاصم بيگ دليل ڏنا.وڪيل چيو ته عليما خانم ۽ عظميٰ خان خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس ٺاهيو ويو، پوليس جسماني رمانڊ وٺي جاچ ڪري رهي آهي، هاڻي اهي جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهن.وڪيل وڌيڪ چيو ته ان ڪيس ۾ ٻين جوابدارن جي ضمانت ٿي چڪي آهي، ان ڪري پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.ضمانت جي مخالفت ڪندي پراسيڪيوٽر راجا نويد چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن ميگا فون ذريعي مظاهرين کي ڀڙڪايو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جوابدارن وٽان ميگا فون هٿ ڪيا ويا آهن، ضمانت واريون درخواستون رد ڪيون وڃن.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ عليمه خانم ۽ عظميٰ خان کي 20-20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.