بشرا بي بي جي آزادي ڪنهن ڊيل جو نتيجو ناهي: بئريسٽر ڊاڪٽر سيف

تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي بئريسٽر ڊاڪٽر سيف الله چيو آهي ته بشرا بي بي جي آزادي ڪنهن ڊيل جو نتيجو ناهي، ڊيل ٺاهيندڙ شريف خاندان وانگر ملڪ مان ڀڄي وڃن ٿا.بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته بشرا بي بي ملڪ کان ٻاهر ناهي آئي پر آزاد ٿيڻ کانپوءِ پشاور آئي، ڊيل اهي ئي ڪندا آهن جيڪي گاڏين ۾ ويندا آهن، ڊيل مخالفن جي خواهش ٿي سگهي ٿي پر اها حقيقت ناهي.بئريسٽر ڊاڪٽر سيف وڌيڪ چيو ته بشرا بي بي بهادري سان جعلي ڪيسن کي منهن ڏنو، بشرا بي بي ڏکئي وقت ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي طاقت رهي.واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني جي گهرواري اڊيالا جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ پهرين رات سي ايم هائوس پشاور ۾ گذاري هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي خاتون اول کي بني گالا کان زمان پارڪ لاهور وڃڻو هو پر پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هدايت تي هن پشاور وڃڻ جو فيصلو ڪيو.