واشنگٽن: آمريڪا يوڪرين کي هڪ ارب 85 ڪروڙ ڊالرن جي اضافي امداد ڏيندو، اينٿوني بلنڪن

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا يوڪرين کي هڪ ارب 85 ڪروڙ ڊالرن جي اضافي امداد ڏيندو،آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته آمريڪا يوڪرين کي پيٽريٽ ايئر ڊفينس سسٽم ڏئي رهيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير موجب آمريڪا طرفان يوڪرين کي ڏنل امداد ۾ هڪ ارب ڊالر پيٽريٽ ايئر ڊفينس سسٽم جي مد ۾ ڏنا ويندا، جڏهن ته 850 ملين ڊالر سيڪيورٽي امداد جي مد ۾ ڏنا ويندا،خبرن جي ايجنسي موجب پيٽريوٽ آمريڪا جي جديد دفاعي ايئر سسٽم مان هڪ آهي،ٻئي طرف روس يوڪرين کي آمريڪي پيٽريٽ ايئر ڊفينس سسٽم ڏيڻ کان پوءِ ترجيحي طور تي پيٽرياٽ سسٽم کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي

پنھنجي راءِ لکو